زيدي مصطفيٰ

زيدي مصطفيٰ

زيدي مصطفيٰ

زيدي، مصطفيٰ: اردو ٻوليءَ جي مشهور شاعر مصطفيٰ زيديءَ جو اصل نالو مصطفيٰ حسيني هو. هن 1930ع ڌاري الله آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتائين ۽ ان کانپوءِ 1952ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پهرين اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۽ پوءِ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1956ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيه ويو ۽ پوري يورپ جو سفر به ڪيائين. وطن واپس اچي سيالڪوٽ، ديري غازي خان ۽ مريءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رهيو. ڪجهه عرصو لاهور ۾ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم به رهيو. ان بعد جھلم، نواب شاهه، خيرپور، ساهيوال ۽ لاهور جو ڊپٽي ڪمشنر به رهيو. کيس ڊسمبر 1969ع ۾ نوڪري تان معطل ۽ مئي 1970ع ۾ نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي. مصطفيٰ زيدي شروعات ۾ ادبي دنيا ۾ ’تيغ الهه آبادي‘ جي تخلص سان مشهور ٿيو ۽ ڪافي پذيرائي حاصل ڪيائين. جوش مليح آبادي ۽ پير علي محمد راشديءَ سان گهرا تعلقات هئس. زيديءَ جي شاعري جي مجموعن ۾: ’يي هين زنجيرين‘، ’روشني‘، ’ڪوهه ندا‘،
’شهر آذر‘، ’موج مري صدف صدف‘، ’گريبان‘ ۽ ’قبائي ساز‘ شامل آهن. مصطفيٰ زيديءَ جي شهرت ان وقت وڌيڪ ٿي جڏهن سندس تعلق شهناز گل نالي هڪ عورت سان ٿيو. مصطفيٰ زيديءَ جو هڪ شعر تمام گهڻو مشهور آهي:
انهي پٿرون په چل که اگر آ سڪو تو آئو
ميري گهر ڪي راستي مين ڪوئي ڪهڪشان نهين هي
مصطفيٰ زيديءَ 13 آڪٽوبر 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.10.13  عيسوي

اردو ٻوليءَ جي مشهور شاعر مصطفيٰ زيديءَ جو اصل نالو مصطفيٰ حسيني هو. هن 1930ع ڌاري الله آباد ۾ جنم ورتو.13 آڪٽوبر 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلال شاهه
سودائي سومرو
انعام عباسي
ارشاد عباسي
عبدالغفور شاهه تقوي سيد
بشير منگي
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
عبدالله عبد انصاري
نظر سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون